خضراڻي ميان بيگ انڍڙ

خضراڻي، ميان بيگ انڍڙ: مشهور عالم، عارف ۽ شاعر ميان بيگ خضراڻي، 1820ع ۾ تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. هي عوامي ۽ صوفي شاعر بيدل فقير جو همعصر هو. سندس ڳوٺ مُلا علي مهيسر ويجهو آهي، جتي سندس نالي پٺيان خانقاهه موجود آهي. روايت آهي ته هي پير باعد جي قبرستان ۾ مدفون ستن سلطانن مان هڪ خضر سلطان جي اولاد مان آهي. ميان بيگ جا پني عاقل، گهوٽڪي ۽ ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ۾ مريد ۽ معتقد هئا. شينهن جي شڪار ڪرڻ تي انگريز سرڪار کيس پروانو ۽ بندوق انعام ۾ ڏني هئي، هن جي شاعريءَ جو بياض سندس پوين وٽ محفوظ آهي. هن ڪافيون ۽ بيت، مومل ۽ مارئي تي مناظرا ۽ شينهن جي شڪار تي مثنوي لکي. ان کان سواءِ سندس فارسي زبان ۾ به ڪافي ڪلام موجود آهي. سندس مزار چيچڙي لڳ پير باعد ۾ خضر سلطان جي پيرانديءَ ۾ آهي. سندس ڪافيون وڏيءَ عقيدت سان ڳايون وينديون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو